اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم ن??از ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي سزا خلاف اپيلن جي منظوري جو حڪم نامو جاري ڪندي کين ايون فيلڊ ريفرنس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت طرفان ٻن صفحن تي ٻڌل لکت واري حڪم نامي ?? چيو ويو آهي ته مريم ن??از ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف اپيلون منظور ڪيون ويون آهن، مريم ن??از ۽ ڪيپٽن صفدر جي سزا جو احتساب عدالت جو حڪم غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي، مريم ن??از ۽ ڪيپٽن صفدر کي سمورن الزامن مان بري ڪيو وڃي ٿو، مريم ن??از ۽ ڪيپٽن صفدر جي اپيلن تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.