اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان شام لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ايئر مارشل (ر) شاهد اختر ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان م??قع?? تي پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شام ۽ پاڪستان گهري تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، شام سان واپاري ۽ تعليمي ميدان ۾ گڏيل تعاون جا نوان رستا ڳوليا وڃن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان م??قع?? تي نامزد سفير سا?? ڳالهه ٻولهه ڪندي هدايت ڪئي ته هو شام جي نئين سر تعمير ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تسلسل کي جاري رکڻ ۾ پنهنجي ڪو??شن کي استعمال ۾ آڻي. هن چيو ته شام ويندڙ پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ جي لاءِ موثر ??ردار ادا ڪيو وڃي.