اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 80 لک ڪشم??ري?? تي قابض ڀارتي فوج والاريل علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي تسلط خ??اف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال پهرين انهي ڏينهن ظالم ڀارتي سيڪيورٽي فورسز غيرقانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ لٿي. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشميري پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي بڻجي ويا. وزيراعظ?? جي صلاحڪار چيو ته ڀارت جو غير انساني فوجي گهيراءَ ۽ وحشياڻو ڏاڍ ۽ ڪشم??ري?? کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪري والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انجنيئر امير مقام عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشم??ري?? خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڪشم??ري?? ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت طاقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي عزم کي ٽوڙي نٿو سگهي. هن آزادي واري جدوجهد جي شهيدن ??ي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو.