اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي ??ي و??قع?? تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان و??قع?? جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڪابل ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿيو آهي. ترجمان چيو ته افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ فائرنگ ??ي و??قع?? تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ و??قع?? جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغان عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، و??قع?? کانپوءِ ڪابل ۾ سفارتخاني جي سيڪيورٽي کي ??هت?? بڻايو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته افغان عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير ا??ان جي ناظم الامور ??ان ڳالهه ڪئي آهي، افغان پرڏيهي وزير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.