اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي، پنهنجي موقف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو، ٽن سالن تائين عمران خان منهنجي ڪردارڪشيءَ ڪئي هر حد پار ڪئي، بي بنياد الزامن سان منهنجو ۽ منهنجي خان??ان جو مذاق ا??ايو ويو، فتح سچائي جي ٿيندي آهي. ڊيل?? ميل پاران غلط خبر ڇاپڻ تي معذرت تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان ۽ ان جي حوارين مسلسل ٽي سال منهنجي ڪردارڪشيءَ جي هر حد پار ڪئي، انهن کي ان مهم دوران اهو خيال به نه آيو ته ان جي ان ڪڌي مهم سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچندو ۽ ان جا دوست ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيندا. وزيراعظم چيو ته مون تي ۽ منهنجي خان??ان تي بي بنياد الزام هنيا ويا پر مون کي الله تعاليٰ جي ذات تي پورو ڀروسو آهي رڳو اهو ئي ان جو ڪوڙ بي نقاب ڪري سگهي ٿو. غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي فتح سدائين سچائي جي ٿيندي آهي ۽ ڊيل?? ميل جي خبر اهو ثابت ڪيو آهي.