اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان عوام جي مضبوط رشت?? ۾ ??نڍيل آهن جيڪي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن، برطانيا پاڪستان جو سڀ کان وڏو يورپي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتا سان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ترقي جا تمام گهڻا امڪان آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران ج??ري بيان موجب وزيراعظم سان برطانيا جي پاڪستان ۾ ها??ِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي فروغ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعب?? ۾ ??اڪٽر ٽرنر جي خدمتن کي سا??اهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سان ايندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ برطانيا جي تعاون ۾ برطانوي ها??ِ ڪمشنر جي فعال ڪردار کي پڻ سا??اهيو. وزيراعظم انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ها??ِ ڪمشنر جي ڪردار کي سا??اهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ برٽش ايئر ويز جي ڪمرشل فلائيٽ آپريشن جي بحالي ۾ ان جي نمايان ڪردار کي پڻ سا??اهيو. وزيراعظم ها??ِ ڪمشنر جي لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عهدو ڇڏيندڙ ها??ِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.