اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر اينڪر پرسن مشعال بخاري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشعال بخاري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو، مرحومه جي ميڊيا جي لا??ِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مشعال بخاري مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فر??ائي.