اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا پاران جني??ا ڪانفرنس ?? ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ اضافي 100 ملين ڊالر جي امداد جي اعلان ??ي ساراهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ??الهه ٻولهه دوران ??يو، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستانين جي لاءِ ويزا انٽرويو بابت سهولتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ويزا سهولتن بابت آمريڪي پرڏيهي وزير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، انهن قدمن سان نه رڳو ويزا وٺڻ جو عمل تيز ٿيندو پر عوامي رابطا وڌندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ آمريڪي سفير ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ پاڪستاني عوام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.