??را??ي – 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ??را??ي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ جاري عالمي گڏ??ل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪندو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هر ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ انهن مشقن جو بن??اد?? مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ بريفنگ ڏني ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو مشاهدو به ڪندو.