اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپار ۾ اضافي جي ل??ءِ اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روانگي واپار ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائي پاڪستان معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊينمارڪ ۽ روانڊا جي ل??ءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ اقتصادي ۽ واپاري سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر سان ڊينمارڪ ۾ پاڪستان جي نامزد سفير شعيب سرور ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نامزد سفير ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته ڊيري ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي سگهجي ٿي، انفارميشن ٽيڪنالاجي به تعاون وڌائڻ جي ل??ءِ هڪ اهم شعبو آهي. هن چيو ته نامزد سفير ڊينمارڪ جي هوائي توانائي جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ل??ءِ دعوت ڏي، نامزد سفير قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي ل??ءِ ڪم ڪري. صدر اميد ظاهر ڪئي ته وزارتي سطح تي تازي مٽاسٽا سان ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان روانڊا ۾ پاڪستان جي نامزد ه??ءِ ڪمشنر نعيم الله خان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان روانڊا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ??نه?? ملڪن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن. صدر چيو ته زراعت، خوراڪ جي تحفظ ۽ انساني وسيلن جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان آهن، نامزد سفير درآمد ڪندڙن ۽ برآمد ڪندڙن کي مدد فراهم ڪري لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائي. صدر چيو ته نامزد سفير روانڊا جي واپارين کي پاڪستاني مارڪيٽ تائين پهچ ڏيڻ جي ل??ءِ انهن سان رابطو ڪري. صدر ??نه?? سفيرن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون اجاگر ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.