ڪراچي-14 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ بينڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر م??ٽر جان روم جي اڳواڻي ۾ آيل هڪ وفد سان جائزي اجلاس ۾ چيو ته سندس حڪومت فلڊ ايمرجنسي بحالي ۽ ريٽرو ايڪٽو فنانسنگ منصوبن لاءِ 100.55 ملين ڊالر رکيا هئا جنهن مان 87.74 ملين ڊالر جيڪي 25.42 ارب رپين جي برابر آهن اهي استعمال ڪيا ويا ??هن. ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهسين، پروگرام ليڊر عابد الرزاق، پريڪٽس مئنيجر جين جون اوه ۽ ٻيا ??امل آهن. جڏهن ته وڏي وزير جي معاونت لاءِ چيف ??يڪ??يٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءَ الله انڙ، وڏي وزير جو ??يڪ??يٽري رحيم شيخ، ??يڪ??يٽري بلديات نجم شاهه، چيف آف پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ خالد شيخ، ??يڪ??يٽري زراعت اعجاز مهيسر، ??يڪ??يٽري آبپاشي سهيل قريشي ۽ ٽرانسپورٽ ??يڪ??يٽري سليم راجپوت سميت ٻين ڪئي. وڏي وزير ۽ ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ ورلڊ بينڪ جي فنڊنگ منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته 22 لک گهرن جي تعمير لاءِ مالي امداد ڏني پئي وڃي پر اسان انهن عورتن، بيواهه، بزرگ عورتن کي ترجيح ڏني آهي جن جو ڪوبه مرد ميمبر ناهي ۽ ترجيح انهن عورتن کي ڏني وئي آهي ۽ ترجيح انهن عورتن کي ڏني پئي وڃي جيڪي پنهنجي معذور مڙس هوندي پنهنجو گهر هلائي رهيون آهن. هائوسنگ پروجيڪٽ: پيپلز هائوسنگ ڪمپني جي سي اي او خالد شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته 253526 گهريلو عورتن مان 31985 بيواهه، 10227 عورتون بغير م??د، 1354 معذور مڙس رکندڙ عورتون ۽ 1219 عورتون پنهنجن گهرن جي مالڪي ڪري رهيون آهن جنهن کي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل سندن گهرن جي بحاليءَ لاءِ چونڊيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير جو ڪم جاري آهي ۽ کين بئنڪ اڪائونٽس ذريعي فنڊ فراهم ڪيا ويا ??هن. اهي گهر لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر، شهدادڪوٽ، خيرپور، دادو، نوشهروفيروز، ٺٽو، سجاول، ٽنڊوالهيار، حيدرآباد، ڄامشورو، گهوٽڪي ۽ سکر ۾ تعمير هيٺ آهن. ورلڊ بينڪ جي ٽيم صوبائي حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. فلڊ ايمرجنسي ريهيبليٽيشن پروجيڪٽ (آبپاشي ??يڪ??ن): هي منصوبو قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ميرپورخاص، شڪارپور، ٺٽو، مٽياري، خيرپور، ٿرپارڪر، شهيد بينظير آباد، ملير ۽ ڄامشورو جي ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو آهي. پروجيڪٽ جي لاڳت 48.327 ملين رپيا ??هي يعني 212 ملين ڊالر ۽ شروع ڪيل ڪمن ۾ انفرااسٽرڪچر جي بحالي ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ لاءِ ادارن جي مضبوطي، پراجيڪٽ مينيجمينٽ ۽ سار سنڀال شامل آهن. وڏي وزير ڪمن بابت اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته مختلف بندن، واهن ۽ مين نالن ۾ 208 ڏارن کي ڀرڻ، 11 ننڍن ڊيمن جي مرمت ۽ گيج ڊائيورشن ۽ 12 پمپنگ مشينن جي فراهمي لاءِ هنگامي ڪمن لاءِ 33 پيڪيجز ڏنا ويا ??هن. هن وڌيڪ چيو ته سمورا ڍورا ڀرجي ويا ??هن. وڏي وزير چيو ته ايف پي بند، ايم سي بند، ڍورو پراڻ، اڙل واهه، اڙل هيڊ ريگيوليٽر، دانستر ڪينال ۽ ان جي ريگيوليٽرز، شهيد بينظير آباد اسٽرم واٽر ڊرين، علي بهار برانچ ۽ ڪبري برانچ، ٽالپر واڊا پمپنگ اسٽيشن ۽ واٽر ڪيريئر ڊرين، G&F پمپنگ اسٽيشنز، جوهي ايڪوڊڪٽ ۽ روڊ برج، ريگستاني ڪينال تي ڪراس ريگيوليٽر ۽ رڪ لوپ ڊيم جي بحالي ۽ تعمير لاءِ ايمرجنسي مينٽيننس ڪم جا 36 پيڪيج ڏنا ويا ??هن. آبپاشي ??يڪ??يٽري سهيل قريشي اجلاس کي ٻڌايو ته انهن ڪمن جي فزيڪل پراگريس 61 سيڪڙو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 11 فلڊ ڊيٽينشن ڊيمن لاءِ 16 ڪم منظور ڪيا ويا ??هن جن ۾ شڪارپور برانچ ڊرين جي بحالي، سپريو ڊيم جي بحالي، اوچيٽو آئوٽ فال ريگيوليٽر، اڏيرو لال اسڪپ ۽ فڊر?? اسڪي شامل آهن انهن ڪمن تي فزيڪل اڳڀرائي 13 سيڪڙو آهي. وڏي وزير چيو ته ادارن جي مضبوطي لاءِ انسٽيٽيوشن سٽريٿنڪ فار رسيلينس اينڊ ٽيڪنڪل اسسٽنس پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، هڪ ناليواري فرم کيرٿر م??ڊل جي ترقي ۽ انٽيگريشن لاءِ شروعاتي سروي جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڊيٽا سينٽر آپريشنز ۽ سار سنڀال ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته ٽي او آرز سنڌ جي ساڄي ڪپ تي 2022ع جي ٻوڏ ۽ تخفيف جي اختيارين جي فرانزڪ تجزيي لاءِ تيار آهن، منصوبي جي مجموعي فزيڪل اڳڀرائي 59 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ٽوٽل 100.55 ملين ڊالر جيڪي 29.13 ارب رپين بڻجن ٿا جنهن ۾ اڳوڻي فنانسنگ پڻ ش??مل آهي انهيءَ مان 87.74 ملين ڊالر جيڪي 25.42 ارب رپيا ??ڻجن ٿا استعمال ڪيا ويا ??هن. صوبائي حڪومت ڪڻڪ جي پوک لاءِ ننڍن هارين کي في ايڪڙ 5000 رپيا ??بسڊي ڏيڻ جي اسڪيم شروع ڪري ڇڏي آهي. زراعت واري ??يڪ??يٽري اعجاز مهيسر اجلاس کي ٻڌايو ته 216640 ننڍن هارين مان 174080 کي 5.61 ارب رپيا ??دا ڪيا ويا ??هن. هن وڌيڪ چيو ته ڊيٽا مان ظاهر ٿئي ٿو ته 70 سيڪڙو هارين کي فنڊ منتقل ڪيا ويا ??هن.