اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ڊي ڪيئر سينٽرز بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ڪيئر سينٽرز جي سهولت فراهم ڪر?? آهي. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازم?? وارن ادارن ۾ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر سينٽرز بل 2023ع تحت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازم?? وارا نجي ادارا به ملازمن جي سهول?? لاءِ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عملدرآمد نه ڪر?? جي صورت ۾ پهري?? وارننگ کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عملدرآمد نه ڪر?? جي صورت ۾ 6 ??هينا قيد جي سزا به ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.