اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي جو حلف کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي کانئس فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي جو حلف ورتو. ايوان صدر ۾ حلف برداري جي سادي ۽ پروقار تقريب ٿي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي ح??ف برداري جي تقريب ۾ اعليٰ سرڪاري عملدارن سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.