نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ اربع ڏينهن نيويارڪ آمريڪا ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ ۾ ”وبائ?? مرضن ??ي روڪٿام، تياري ۽ ردعمل?? جي موضوع تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم اڄ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ تي اعليٰ سطحي مڪالمي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم جي گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ??ريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن.