اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته مل??ي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خساري جو شڪار قومي مل??يتي ادارن جي فوري نجڪاري ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد ملاقا?? ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد نگران وزيراعظم کي خساري جي شڪار قومي مل??يتي ادارن جي نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم خساري جي شڪار قومي مل??يتي ادارن (ايس او ايز) جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هداي?? ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته مل??ي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خساري جي شڪار ادارن (ايس او ايز) جي فوري نجڪاري ضروري آهي، ان ڳالهه ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.