اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪالهه اربع ڏينهن جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گه??اي?? هو جنهن ۾ غزه جي بحران ۽ اتي محصور شهرين جي انساني ??ورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پنهنجي بيان ۾ نگران پرڏيهي وزير غزه تي ا??را??يلي جارحيت ۽ غيرانساني ناڪابندي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون، تباهي ۽ ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن. هن گذريل ڏينهن غزه جي هڪ اسپتال تي ا??را??يلي حملي ۾ بيگناهه شهرين جي قتلام جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ا??را??يلي قابض فوج عالمي انساني ??قن جي قانونن جي واضح خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ ان جو طاقت جو انڌاڌنڌ ۽ غيرمتناسب استعمال جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي برابر آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ا??را??يل کان ان ڏوهه جو پُڇاڻو ڪري. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ا??را??يل کي ف??ري طور تي جن?را??_ریلز/121667.html">گ ب??دي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين کي انهنجي گهرن مان زوري ڪڍڻ واري دهشتگردي جي مهم جو فوري خاتمو ڪرڻ گهرجي. هن غزه ۾ تيز رفتار، محفوظ ۽ غيرمحدود انساني ۽ امدادي سامان جي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن جي ف??ري ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تازي تڪرار جو بنيادي سبب ٻه رياستي حل تي عملدرآمد نه ٿيڻ آهي. هن فلسطيني ??وام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي ۽ القدس الشريف کي ان جو گادي وارو شهر قرار ڏيندي ف??سطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست جي جلد قيام تي زور ڏنو. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير گيمبيا، ايران، ڪويت، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.