ارومچي – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي شهر ارومچي پهچي ويو آهي. ارومچي جي عالمي هوائي اڏي تي سنڪيانگ جي گورنر ايرڪن تونياز، سي پي سي سنڪيانگ جي اسٽينڊنگ ميمبر العزت احمت جان ۽ چ??ن ۾ پاڪستاني سفارتي عملدارن سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن وارو نگران وفاق?? وزير جليل ع??اس جيلاني، گهرو معاملن وارو نگران وفاق?? وزير سرفراز بگٽي، نج??اري وارو نگران وفاق?? وزير فواد حسن فواد پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آهن.