اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ذهني صحت جي وڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ذهني صحت جي بار تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ گڏيل سطح تي قدم کڻڻا پوندا، سم??ريون ڌريون، لاڳاپيل وزارتون، وزيراعظم آفيس، اين جي اوز، تنظيمون ٺوس موقف اختيار ڪن، ذهني صحت اهم مسئلو آهي، سم??رين لاڳاپيل ڌرين کي ٺوس انداز ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. هو ايوان صدر ۾ ذهني صحت بابت اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم آفيس اسٽريٽجڪ سڌارا يونٽ جي چيئرمين حسين اسلام سم??ت ذهني صحت تي ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمن جي نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صحت جا مسئلا درپيش آهن، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جا 60 سيڪڙو شاگرد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، ان صورتحال تي حڪومت، صحت جي ماهرن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ ميڊيا جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. صدر ڪورونا ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر تي ڪامياب آگاهي مهم مان سبق سکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سکيل سبق کي ذهني صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ ذهني صحت جي مسئلن سان واڳيل سماجي رويو بدلائڻ جي ل??ءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، ماڻهن کي معياري مشاورت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ل??ءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ملڪ ۾ ذهني صحت جي پيشيور ماڻهن جو انگ وڌائڻ جي پڻ ضرورت آهي، مستقبل جي حڪومتن کي اهڙن قدمن کي جاري رکڻ گهرجي. صدر هڪ ??المي اين جي او ۽ پاڪستان جي نجي ميڊيا گروپ جي وچ ۾ ذهني صحت جي مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ذهني صحت بابت مدد ۽ آگاهي جي ل??ءِ تيار ڪيل ”همراز ايپ“ کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ل??ءِ ڪميٽي بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ ذهني مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جي ل??ءِ خدمتن کي موثر انداز سان وڌائڻ جي ل??ءِ گڏيل نگهداشت جي ماڊل کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حسين اسلام وزيراعظم آفيس جي قدم ”همراز ايپ“ بابت اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ذهني مسئلن کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ايپ ڪم ڪري رهي آهي، ضروري خدمتون ۽ مشاورت فراهم ڪري رهي آهي.