اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ننڍي کنڊ جي ناليواري گلوڪار استاد حسين بخش خال گُلو جي ل??ڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ استاد حسين بخش ??ُلو جي ل??ڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ا??تاد حسين بخش ??ُلو جي ل??ڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ استاد حسين بخش ??ُلو هر جڳهه تي پنهنجي گائيڪي جا نقش ڇڏيا. استاد حسين بخش ??ُلو ر??ڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو ر??يو، سندس لاڏاڻي سان اڄ ڪلاسيڪ موسيقي جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو. مرتضيٰ سولنگي دعا ڪئي ته الل?? تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.