اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي لاڏاڻ?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪي?? آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جي سفارتي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪي?? ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو ا??هار ڪي??. هن چيو ته رياض کوکر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، رياض کوکر دنيا جي اهم ترين گادي وارن شهرن جن ۾ واشنگٽن، بيجنگ ۽ دهلي شا??ل آهن، ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، هن رٽائرمينٽ کانپوءِ به آخري ڏينهن تائين پاڪستاني رياست کي اهم ترين مشورن س??ن نوازيو ۽ علمي خدمتون جاري رکيون. هن چيو ته مرحوم جي ملڪ جي لاءِ سفارتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ رياض کوکر مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.