اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سعيد ش??خ مصر جي ??وري جي موقعي تي گذريل ڏينهن مصر جي ??يشيا ب??بت معاون پرڏيهي وزير احمد شاهين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مصر ۾ پاڪستان جو سفير ساجد بلال پڻ موجود هو. ڌرين سياسي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن سميت ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع معاملن جو جائزو ورتو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??ريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ??يندڙ دور جي ??جلاس ۽ هن سال جي ??خر ۾ اسلام آباد ۾ سالياني ٻطرفي مشاورت منعقد ڪرڻ شامل آهي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ايشيا ب??بت معاون پرڏيهي وزير 9 کان 11 جنوري تي قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين پاڪستان – آفريقا واپاري ترقي ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائش جي ڪامياب انعقاد کي ساراهيو جيڪا سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي. هن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.