اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو آه?? ته ڀارتي ا??جن??س پاڪستان ۾ 2 معصوم شهرين کي قتل ڪيو، ڀارتي ا??جن??س کي ٺوس ثبوتن تي حراست ۾ ورتو ويو، هو پاڪستان ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سڌوسنئون مل??ث هو، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آه??، ڀارت کي عالمي سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آه??. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ٻڌايو ته عالمي سطح تي ڀارت جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي، اسان وٽ پاڪستان ۾ ڀارتي ا??جن??س جا تفصيل موجود آه??، ٻن ڪيسز جا تفصيل شيئر ڪنداسين ڪجهه ڪيسز اڃا جاچ هيٺ آه??، جاچ مان خبر پئي ته ڀارتي اي??نٽ يوگش ڪمار ان ۾ مل??ث آه??، اشوڪ ڪمار ۽ يوگش ڪمار ڀارتي ا??جن??س جي ذريعي ڪارروائي ڪرائيندا هئا، سهولتڪارن جي ذريعي انهن ا??جن??س جي خبر پئي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستاني شهري محمد رياض کي پڻ راولا ڪوٽ ۾ مسجد ۾ قتل ڪيو ويو هو، ڀارتي اي??نٽ اجرتي قاتل جي ذريعي محمد رياض کي قتل ڪرايو، سيڪيورٽي فورسز اجرتي قاتل کي گرفتار ڪيو جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ڀارتي اي??نٽ دهشتگردي ۽ ٻين وارداتن ۾ پڻ مل??ث ڏٺو ويو. هن چيو ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آه??، ڀارت کي عالمي سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آه??. پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڀارتي ا??جن??س جا اعترافي بيان به آه?? جيڪي هن وقت اسان جي تحويل ۾ آه??، اسان وٽ فنانشل ٽرانزيڪشنز جا ثبوت به موجود آه??، انهن ا??جن??سن جا پاسپورٽ نمبر ۽ سڃاڻپ شيئر ڪئي ويندي، رڳو اسان نه چئي رهيا آه??ون ڪئناڊا ۽ آمريڪا به اهڙي طرح جي ڪاررواين جي نشاندهي ڪئي.