اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف جيريز ڊناٽا پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪندي جيريز کان ڪي??سر جي مريضن جي لاءِ ريڊي ايشن مشين فوري آزاد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? مشين جي حساس نوعيت، انسانيت خاص طور ??ي ڪي??سر جي مريضن جي خدمت جي عظيم مقصد کي نظر ۾ رکندي مشين جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪليڪٽر ڪسٽمز لاهور 7 ڏينهن جي اندر اٽڪل هڪ سال کان جيريز وٽ پيل ڪي??سر جي علاج جي لاءِ ريڊي ايشن مشين آزاد ڪرائي، عدم تعميل جي صورت ۾ ڪليڪٽر ڪسٽمز قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪري. صد?? ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته تابڪاري مشين اپريل 2023ع کان شيڊ ۾ پيل آهي، جيريز گودام جي اضافي قيمت جي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪاري آهي، ڪسٽمز عملدارن اسٽوريج/ ڊيمريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪي??. صد?? افسوس جو اظهار ڪي?? ته جيريز ڪسٽمز عملدارن جي جاري ڪي?? سرٽيفڪيٽ کي سنجيده نه ورتو، جيريز ويئر هائوس چارجز جي وڏي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪار ڪي??، دير جي ڪري پاڪستان جي ڪي??سر جي مريضن ۽ غريب ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، غريب عوام ملڪ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا، همدرداڻي بنيادن تي مسئلن کي سمجهڻ کانسواءِ اهڙو استحصالي ڪاروبار افسوسناڪ آهي. ان حوالي سان ايوان صد?? پاران جاري تفصيل موجب ميو اسپتال ڪي??سر جي مريضن کي ريڊي ايشن ڏيڻ جي لاءِ ڪوبالٽ – 60 سورس درآمد ڪي??، اها مشين سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي لاءِ دستياب واحد مشين آهي، فنڊز جي عدم دستيابي جي ڪري باقي رقم جي عدم ادائيگي تي مشين شيڊ ۾ روڪي وئي هئي. ڪسٽمز عملدارن اسٽوريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ دير جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪي??، دير جو سرٽيفڪيٽ ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر پاران جاري ڪي?? ويو هو. جيريز جي مئنيجر ڪارگو بقايا چارجز جي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اوزار جاري نه ٿيڻ تي ميو اسپتال جي سي اي او وفاقي ٽيڪس محتسب سان رجوع ڪي??. ٽيڪس محتسب ڪليڪٽر آف ڪسٽمز لاهور کي فوري طور ??ي سامان جاري ڪرڻ جي لاءِ جيريز سان رابطو ڪرڻ جو چيو. جيريز ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف صد?? وٽ اپيل داخل ڪئي. صد?? ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي کانپوءِ جيريز جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو. صد?? پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جيريز دير جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود مشين جاري نه ڪري ڪسٽم ايڪٽ 1969ع جي شقن جي خلاف ورزي ڪئي، جاري ڪي?? سرٽيفڪيٽ ۽ ايڪٽ جي شقن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. صد?? چيو ته ڪسٽم ايڪٽ تحت سرٽيفڪيٽ جي تعميل نه ڪرڻ تي ڏنڊ جي سزا آهي، ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي جاري ڪي?? سرٽيفڪيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ها. فيصلي موجب جيريز ڪسٽمز ايڪٽ جي شقن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي، جيريز جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي. صد?? هدايت ڪئي ته ڪليڪٽر آف ڪسٽمز 7 ڏينهن ۾ حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي ۽ مشين آزاد ڪرائي وڃي، عدم تعميل تي قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.