اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪڻڪ جي خريداري جا هدف مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي واهه ڇانوڻي ۾ انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنسز قائم ڪرڻ جي حوالي سان بل ۽ اسپيشل ڪورٽ II (دهشتگردي جي خاتمي) کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923ع تحت رپورٽ ٿيل ڪيسز ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، اسان کي پاڪستان جي ترقي لاءِ ??يز رفتاري سان ڪم ڪرڻو آهي، ڪنهن به قسم جي سستي ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي و??ندي، آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيند?? وزيراعظم سعودي و??د جي دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان وفاق?? وزيرن، سيڪريٽريز ۽ ٻين عملدارن کي ساراهيو ۽ انهن جي ڪوششن ۽ محنت کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان کي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ ??يز رفتاري سان ڪم ڪرڻو آهي، ڪنهن به قسم جي سستي ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي و??ندي. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري و??اق?? وزير کي چئني صوبن سان رابطو ڪري ڪڻڪ جي خريداري جا هدف مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ فني تربيت وار?? وزارت جي سفارش تي واهه ڇانوڻي ۾ انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنسز قائم ڪرڻ جي حوالي سان بل جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم نئين يونيورسٽيز ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جي قيام جي طريقيڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جنهن جي سربراهي و??اقي تعليم ۽ تربيت وارو وفاق?? وزير ڪندو جڏهن ته پيٽروليم وارو وفاق?? وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪت?? وزير ۽ اٽارني جنرل ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وفاقي ڪابينا پرڏيه?? وزارت جي سفارش تي اڳوڻي سفير منظور احمد چوڌري کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ”حڪومت ڪوٽ ڊي وائير ڪمانڊ يور ڊي آرڊر نيشنل“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانوني ۽ انصاف وار?? وزارت جي سفارش تي احتساب عدالت VIII ڪراچي کي اسپيشل ڪورٽ (ڪسٽمز، ٽيڪسيشن ۽ اسمگلنگ جي خاتمي II)، احتساب عدالت III حيدرآباد کي بئنڪنگ ڪورٽ ميرپورخاص، احتساب عدالت III سکر کي بئنڪنگ ڪورٽ گهوٽڪي، احتساب عدالت IV سکر کي بئنڪنگ ڪورٽ شهيد بينظير آباد ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري و??اق?? وزارت جي سفارش تي اسپيشل ڪورٽ II (دهشتگردي جي خاتمي) کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923ع تحت رپورٽ ٿيل ڪيسز ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسپيشل ڪورٽ II کي اهو اختيار اسپيشل ڪورٽ I جي جج جي رخصت تي وڃڻ جي ڪري ڏنو ويو آهي. وفاقي ڪابينا سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني ترقي جي وسيلن وار?? وزارت جي سفارش تي ليبر وزارت، قطر حڪومت ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي وار?? وزارت جي وچ ۾ ليبر ريليشنز، ليبر انسپيڪشنز، پيشيواراڻي تحفظ ۽ صحت جي حوالي سان مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هن وقت 3 لک پاڪستاني قطر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي 850 ملين رپين جو پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪلي رهيا آهن. وفاقي ڪابينا منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وار?? وزارت جي سفارش تي فيڊرل پبلڪ پرائيويٽ پاليسي آف پاڪستان 28 – 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي معيشت جو ڦيٿو ??يز ڪري سگهجي ٿو. هن سمورين وزارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوالي سان پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 4 اپريل 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.