اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ين?? صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوا??ي سان ??ين?? ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر منصوبي جي منظوري ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان ۾ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي معاملن تي اهم اج??اس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران شينزن ۾ پاڪستاني ۽ ??ين?? ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن جي حوا??ي سان اڳڀرائي تي جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز ون اسٽاپ شاپ جي قانون جي مسودي تي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي ڏس ۾ نظرثاني جي هدايت ڪندي ??يو ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، فٽ ويئر ۽ ٻين صنعتن جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي حوا??ي سان تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اج??اس کي سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??ين?? صنعتن جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي حوا??ي سان قدم کنيا پيا وڃن، اسلام آباد بزنس فيسلي ٽيشن مرڪز قائم ڪرڻ جي حوا??ي سان ??ين?? ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، آسان ڪاروبار ايڪٽ جو مسودو جلد ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ موڪليو پيو وڃي. اج??اس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.