اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪڙي شموزئي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳوٺاڻي صحت مرڪز تي دهشتگرد?? جي بزدلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪن??ي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن ٻارن، ٻن عورت هيلٿ ورڪرز، چوڪيدار ۽ جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪن??ي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار محمد فاروق ۽ سپاهي محمد جاويد اقبال جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد?? جي مغفرت ۽ انه?? جي گهرڀاتي?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪن??ي چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪري سُک جو ساهه کڻنداسين، پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن تي حملو ڪن??ڙ بزدل دهشتگرد عنصر?? جي پٺڀرائي ڪن??ڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسي??، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.