اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چيف جسٽس ق??ضي فائز عيسيٰ جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جون خبرون درست ناهن، آئين ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ باوجود اس??مبلين جو تحليل ٿيڻ آئين جي خلاف ورزي هئي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي آر??يڪل 6 پختو ڪيس آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ايڊهاڪ ججن جي مقررين جي آئين اجازت ڏي ٿ??، منهنجي راءِ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ٿيڻ گهرجن. چيف جسٽس ق??ضي فائز عيسيٰ جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جون خبرون صحيح ناهن، پينشن بل وڌيڪ هجڻ سبب سرڪاري ملازمن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي بحث جنم ورتو آهي، اپريل جي آخر يا مئي جي شروعات ۾ چيف جسٽس کان جڊيشل ڪميشن جي حوالي سان ملاقات ٿي هئي، چيف جسٽس چيو ته ملازمت جي مدي ۾ واڌ ۾ دلچسپي ناهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي آر??يڪل 6 جو پڪو ڪيس آهي، بي اعتمادي جي رٿ جي موجودگي ۾ اس??مبليون ختم ڪري تحريڪ انصاف آئين جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته آر??يڪل 6 جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ بحث ٿي سگهي ٿ??. گذري?? سال پي ٽي آءِ تي پابندي نه لڳائڻ جو فيصلو سياسي ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيو هو. پي ٽي آءِ اڳواڻن تي آر??يڪل 6 لڳائڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ آڻي سگهجي ٿ??. تحريڪ انصاف بي اعتمادي رٿ تي اجلاس طلب نه ڪري رهي هئي، هن چيو ته آئين ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي.