اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نو??وانن کي هڪ جهڙي ??وزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ه??ايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي نو??وان آبادي اسان جو اثاثو آهي، ملڪي ترقي نو??وانن جي ڀلائي سان واڳيل آهي، نو??وانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ پرائيم م??سٽر يوٿ پروگرام جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته نو??وان آبادي پاڪستان جو اثاثو آهي ۽ ملڪي ترقي انهن جي ڀلائي سان واڳيل آهي. پاڪستاني نو??وانن ۾ بي پناهه ٽيلينٽ موجود آهي. وزيراعظم چيو ته نو??وانن کي وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اهي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا. نو??وانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نو??وانن کي هڪ جهڙي ??وزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي سمورن تربيتي پروگرامز جو محور روزگار جي فراهمي ه??ڻ گهرجي. جاب مارڪيٽ جي تفصيلي سروي ڪرائي ان موجب ترجيحي شعبن ۾ اسڪل ٽريننگ جي شروعات ڪئي وڃي. اجلاس کي پي ايم يوٿ پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻ??اي?? ويو ته پي ايم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت هيستائين 6 لک ليپ ٽاپس ڏنا ويا آهن. هن سال نو??وانن ۾ ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپس ورهايا ويندا. گذريل ٽن سالن ۾ يوٿ اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام تحت تربيت حاصل ڪندڙن ۾ 64 سيڪڙو کي باعزت روزگار مليو. بريفنگ ۾ ٻ??اي?? ويو ته پي ايم نيشنل انوويشن ايوارڊ تحت 100 اسٽارٽ اپس کي فنڊ ڪيو ويو آهي. جن سڄي ملڪ ۾ چونڊ انڪيوبيشن مرڪزن ۾ جڳهه ڏني پئي وڃي. پي ايم يوٿ سپورٽ ليگ تحت 10 عالمي معيار جي اسپورٽ اڪيڊميز ۽ هڪ بائيو مڪينيڪل ليبارٽري ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. بريفنگ ۾ ٻ??اي?? ويو ته پرائيم م??سٽر گرين يوٿ پروگرام تحت نو??وانن کي ماحولياتي تبديلين کان بچاءُ ۽ ايڪو انوينشن جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان سڄي ملڪ جي 268 يونيورسٽين تي ڌيان ڏنو ويندو. نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي 2024ع جي تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. بريفنگ ۾ ٻ??اي?? ويو ته پاليسي جو محور نو??وانن کي باعزت روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ورڪ فورس جي عورتن جي شرح ۾ اضافو ٿيندو. پي ايم ڊيجيٽل حب جو هڪ ون ونڊو آپريشن ڊيش بورڊ هوندو، تيار ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.