ڪراچي-03 آگسٽ (اي پي پي)ڪراچي يونيورسٽي ۾ يوم استحصال ”ڪشمير جو بحران“ جي عنوان سان سيمينار 5 آگسٽ تي ٿيندو. جاري پڌرائي مطابق سيمينار جو بندوب??ت يونيورسٽي جي شاگردن جي معاملن واري ص??احڪار آف??س ڪيو آهي، جيڪو صبح 11 وڳي چائنيز ٽيچرز ميموريل آڊيٽوريم ۾ ٿيندو. سيمينار جي صدارت يونيورسٽي جو وائي?? چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي ڪندو جڏهن ته اڳوڻو سفير ۽ تجزيه نگار جميل احمد خان، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڪراچي يونيورسٽي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر احمد ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سياسيات واري شعبي جي اڳوڻي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالد پڻ خطاب ڪندا.