اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ تابڪار مو??د جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقعن جي رپ??رٽس تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ تابڪار مو??د سان گڏ هڪ گينگ جي گرفتاري تي پاڪستان جي ردعمل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته تازي واقعي ۾ هڪ انتهائي تابڪار ۽ زهريلو مو??د ڪيليفورنيم غيرقانوني طور تي ماڻهن جي هڪ گروهه جي قبضي ۾ ڏٺو ويو، جنهن جي ماليت 100 ملين ڊالر آهي، 2021ع ۾ ڪيليفورنيم جي چوري جا 3 واقعا به رپ??رٽ ٿيا هئا، گذريل مهيني 5 ماڻهو ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر (بي اي آر سي) مان مبينا طور تي چوري ٿيندڙ تابڪار ڊيوائيس سان گڏ دهرادون ۾ ڏٺا ويا هئا. ترجمان چيو ته بار بار ٿيندڙ اهي واقعا نئين دهلي پاران ائٽمي ۽ ٻئي تابڪار مو??د جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان آهن. ??ن چيو ته اهي واقعا ڀارت ۾ حساس، ٻٽي استعمال جي مو??د جي بليڪ مارڪيٽ جي وجود جي به نشاندهي ڪن ٿا، عالمي برادري ڀارتي عملدارن کا?? ان ڳالهه تي سنجيدگي سان پڇاڻو ڪرڻ جي خواهشمند آهي ته ڪيليفورنيم وانگر هڪ سيل شده تابڪار ماخذ (ايس آر ايس) مو??د ڪهڙي طرح پڪڙجي ويل ماڻهن جي قبضي ۾ هو. ترجمان چيو ته ڀارت ۾ اهڙي طرح جي حساس مو??د جو غلط هٿن ۾ وڃڻ جو معمول خطرناڪ آهي. ??ن چيو ته پاڪستان انهن واقعن جي مڪمل جاچ ۽ انهن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قدمن جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو.