اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز (ترميمي) بل 2024ع ۾ وڌيڪ تر??يم جو بل پيش ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اطلاعات، ??شريات، ??ومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ايڪٽ 1973ع ۾ وڌيڪ تر??يم جو بل دي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز (ترميمي) بل 2024?? پيش ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تر??يمي بل ۾ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ۾ پراسيڪيوٽرز جي مقرري جي حوالي سان پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ايڪٽ جون خصوصي شقون شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سڌارن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته اسمگلنگ جي سرگرمين جي روڪٿام جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن.