نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن تي احتجاج ??ور اسرائيلي ??زيراعظم جي گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي کي خطاب جو بائيڪاٽ ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي خطاب کانپوءِ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جڏهن گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي کي خطاب جي لاءِ ڊائس تي آيو ته هال ۾ موجود پاڪستاني وفد وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي قيادت ۾ اجلاس مان احتجاج ??ور واڪ آئوٽ ڪيو. مبصرن پاڪستان جي ان فيصلي کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته واڪ آئوٽ جي فيصلي سان پاڪستان پوري دنيا کي واضح لفظن ۾ پنهنجو موقف ڏنو آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وزيراعظم مح??د شهباز شريف گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي کي خطاب ۾ خاص ??ور تي غزه ۾ اسرائيلي ظلمنک ي پوري دنيا آڏو موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو.