نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس سان مل??قات ٿي. مل??قات ۾ وزير??عظ?? بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وڌي. وزير??عظ?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگالي مان فائدو کڻندي وزير??عظ?? پارلياماني مٽاسٽا، گ??يل عوامي رابطن، رانديگرن، تعليمي ماهرن، فنڪارن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ڊاڪٽر محمد يونس کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن سان علائقائي ??عاون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي سگهندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.