نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ت?? سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پابندي اڻ اعلانيل نه آهي، نگران حڪومت جي دور ۾ ”ايڪس“ تي پابندي قومي سلامتي جي ڪري هنئي وئي، اها اظهار راءِ جي آزادي کي روڪڻ جي ڪوشش نه آهي. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا ??ان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عليحدگي پسند ۽ دهشتگرد گروپ ”ايڪس“ پليٽ فارم کي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، بي ايل اي جا دهشتگرد پنهنجي مهم ”ايڪس“ تي هلائين ٿا ۽ پنهنجون سموري دهشتگردي ت?? ٻڌل سرگرميون ”ايڪس“ تي لائيو پوسٽ ڪن ٿا. هن چيو ته ”ايڪس“ تي پابندي جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، گهرو وزارت ان تي پنهنجو جواب جمع ڪرايو آهي ۽ چيو آهي ت?? عليحدگي پسند ۽ دهشتگرد گروپن کي ”ايڪس“ تائين پهچ حاصل آهي ۽ اهي ان پليٽ فارم کي ا??ان جي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگرد گروپن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿي ڏئي س??هجي، بطور پاڪستاني ا??ان درخواست ڪري س??هون ٿا ته انهن دهشتگردن جي ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته دهشتگرد لاش ڪيرائڻ، معصوم شهرين جو رت وهائڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، انهن کي حق حاصل نه آهي ت?? اهي سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري س??هن. وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا جي لاءِ ملڪ ۾ ڪو نه ڪو نظام موجود هجڻ گهرجي، ويب مئنيجمينٽ سسٽم اڳ ۾ ئي موجود هو، ان نظام تحت سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊيٽا سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪو حرج نه آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جهڙو فورم موجود هجڻ گهرجي جتي عوام پنهنجي شڪايت ??اخل ڪرائي س??هي، ان حوالي ??ان ڪابينا ۾ هڪ قانون آيو هو، ڪابينا اهو معاملو ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان قانون جي ت??اري ۾ سمورين ڌرين بشمول صحافتي ت??ظيمن، ميڊيا هائوسز، پي ايف يو جي ۽ پوليٽيڪل پارٽين کي آن بورڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ت?? جيئن موثر قانونسازي ٿي س??هي جنهن تي عملدرآمد آ??ان ٿئي. هن چيو ته بطور سياسي ڪارڪن چوندس ته ”ايڪس“ کلڻ گهرجي. هن چيو ته ايڪس تي پابندي جو مسئلو رڳو ڪمپلائنس جو آهي، ايڪس ??ان ڪمپلائنس جا معاملا بهتر ٿي وڃن ته اهو معاملو خوش اسلوبي ??ان حل ٿي س??هي ٿو، ايڪس تي پابندي جو معاملو هن وقت عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، گهرو وزارت ان معاملي کي ڏسي رهي آهي.