راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ??دارن ۾ منشيا?? جي فراهمي ??لاف پنجن ڪاررواين دوران 94 لک روپين جي مالي?? جي منشيات هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل رپورٽ ??وج?? رنگ روڊ پشاور تي حيات آباد ٽول پلازه ويجهو جوابدارن وٽان 1500 نشي جون گوريون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ مري روڊ تي موٽرسائيڪل سوار جي قبضي مان 500 گرام چرس ه?? آيو آهي. هوڏانهن ٽنڊوڄام حيدرآباد ۾ يونيورسٽي ويجهو موٽرسائيڪل سوار وٽان 7 ڪلوگرام چرس ه?? ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ??دارن ۾ شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. رپورٽ ??وج?? ٻين ڪاررواين ۾ موٽر وي ٽول پلازه ويجهو گاڏي مان 12 ڪلوگرام چرس ه?? آيو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اوڪزئي ۾ افغان ڪئمپ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪل مان 24 ڪلوگرام چرس ه?? ڪيو ويو. اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيا?? جي روڪٿام واري ايڪٽ ??وج?? ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.