اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ نوجوانن کي وڌ کان وڌ تعليم ۽ سکيا جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، اهي موقعا نه رڳو تعليمي ادارن ۾ فراهم ڪيا ويندا بلڪه مختلف فني ۽ ڪاروباري مهارتن وارن پروگرامن ذريعي پڻ فراهم ڪيا ويندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اسلام آباد ڪاليج ۾ ٽن ڏينهن واري پاڪس??ان لرننگ فيسٽيول جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته اڄ جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دور ۾ صرف ڪتابي تعليم ڪافي ناهي، جديد مهارتون حاصل ڪرڻ ضروري آهن.هن چيو ته حڪومت تعليمي ادارن ۽ خانگي شعبي جي حصيداري سان به??ري?? موقعا فراهم ??ري سگهي ٿي. نوجوان انهن موقعن ذريعي پنهنجي صلاحيتن کي به??ري?? طريقي سان استعمال ??ري قوم جو مسقبل سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري سگهن ٿا. هن چيو ته تعليم واري وزارت کي تجويز ڪريان ٿو ته فيسٽيول کي ريلوي واري وزارت سان سهڪار ??ري هر ضلعي تائين وٺي وڃي. افتتاحي تقريب کي خ??اب ڪندي احسن اقبال چيو ته ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ ترقي جا وڏا موقعا هوندا آهن جڏهن ته هو ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس ملڪ آيو ۽ 93ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کنيو، ستن سالن ۾ اهي عهدا حاصل ڪيا جيڪي 10 سالن جو ٽارگيٽ هئا، هن چيو ته محنت سان پنهنجي خوابن کي حقيقت بڻائي سگهجي ٿو ۽ پاڪس??ان انشاءُ الله ايشيا جي به??ري?? ملڪن ۾ شامل ٿيندو. هن چيو ته 2047ع ۾ خطي جا ٻه ملڪ سئو سالا آزادي جو جشن ملهائيندا ۽ ان وقت شايد اسان جو نسل نه هجي جڏهن ته اوهان 30، 35 سالن جا جوان هوندا، واعدو ??ري?? ته 2047ع ۾ پاڪس??ان کي صف اول جو ملڪ بڻائيندا. هن چيو ته ترقي لاءِ امن، استحڪام ۽ ڀائيچاري تي عمل ڪرڻو پوندو، جيڪي ٽيمون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون آهن ۽ ڪاميابي ان ٽيم کي حاصل ٿيندي آهي جيڪا اتفاق سان اڳيان وڌي. وفاقي وزير تشدد بدران ڳالهين جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي نوجوانن کي گارين ۽ نفرت بدران به??ري?? تعليم ۽ اخلاق سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي.