اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ڀاڻ جي وقت سر دستيابي لاءِ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا قدم کڻي رهيا آهن،ڀاڻ جي گهرج کي نظر ۾ رکندي ڀاڻ جي قيمتن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن آبادگ??رن تي مالي بار نه پوي. اهڙو اظهار هن ڪالهه فرٽيلائيزر ريويو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀاڻ جي ڪا به ک??ٽ نه آهي، ڊي اي پي ڀاڻ جي گهرج ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جي امڪاني سببن ۾ زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ آبادگ??رن طرفان زمين جي زرخيزي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون شامل ٿي سگهن ٿيون. اجلاس ۾ ربيع جي مند لاءِ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي اسٽاڪ جي پوزيشن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخي??ي تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ٻنهي جي ڪا به ک??ٽ ناهي، ڊي اي پي ڀاڻ جي گهرج وڌي رهي آهي ۽ ان جي کپت ۾ 44 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، راڻا تنوير حسين چيو ته پنجا?? حڪومت جي جاري ڪيل آبادگار ڪارڊ سبب گهرج وڌي وئي آهي، آبادگ??رن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀاڻ جو اضافي ذخيرو موجود آهي. هن جو چوڻ هو ته آبادگار ربيع جي مند ۾ ڊي اي پي جي مناسب استعمال سان واڌو پيداوار حاصل ڪندا، آبادگ??رن جي خوشحالي سان ملڪ ترقي ڪندو. ذخيرو ڪرڻ ۽ قيمتن ۾ ڦي??گهير خلاف صوبا سخت ڪارروائي ڪن.