اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردارادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي. ??زي??اعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم سان سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سر??راهه سينيٽر عرفان صديقي ??زي??اعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئ??. سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان ??زي??اعظم کي آگاهه ڪيو. هن ??زي??اعظم کي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي سان پڻ بريف ڪيو. هن معاشي هدفن جي حوالي سان شاندار ڪارڪردگي تي ??زي??اعظم کي مبارڪباد ڏني. ??زي??اعظم چيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي قيادت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا سينيٽرز ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي، اڄ جي دور ۾ مضبوط پرڏيهي پاليسي جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. ??زي??اعظم اميد ظاهر ڪئ?? ته سينيٽر عرفان صديقي جي سر??راهي ۾ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي هڪ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار ادا ڪندي حڪومت جي رهنمائي ڪندي.