راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي سامونڊي فوج پاران ??رب?? سمنڊ ۾ گڏيل فوجي مشقون منعقد ڪيون ويون. مشقن ۾ پاڪستاني سامونڊي فوج جي جنگي جهاز ذوالفقار جڏهن ته ڪورين سامونڊي فوج جي جنگي جهاز وينگ جي اون شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب مشق دوران مختلف سامونڊي آپريشنز جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت کي ??ڌا??ڻ ۽ پيشوراڻن رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. ٻئي جهاز ڪمبائ??ڊ ميري ٽائم فورسز تحت ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس (سي ٽي اي??-150) ۽ (سي ٽي ايف-151) تحت آپريٽ ڪري رهيا آهن. (سي ٽي اي??-150) ۽ (سي ٽي ايف-151) جو مقصد سمنڊ ۾ منشيات جي اسمگلنگ ۽ سامونڊي ڌاڙيلن جه??ين غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ آهي. سامونڊي مشقون علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي سامونڊي فوج جي عزم جو مظهر آهن. پاڪ بحريه خطي ۾ هر طرح جي روايتي ۽ غير روايتي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.