اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سعو??ي عرب سان پارلياماني تعاون ۽ اعليٰ سطح جي ??ٽا??ٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظ??ار سعو??ي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن شوريٰ ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پاڪستان ۾ سعو??ي عرب جي سفير نوفاد بن سعيد المالڪي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر سعو??ي عرب سان اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته سعو??ي عرب سان پارلياماني تعاون سان پاڪ – سعو??ي عرب ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جا لاڳاپا گ??يل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي قائم آهن. صدر بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ اسرائيلي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ وچ اوڀر جي سنگين صورتحال تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطين، لبنان ۽ شام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. صدر خادمين حرمين شريفين ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحت، تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعاڳو آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پراڻي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعو??ي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پنهنجي پاڪستان جي دوري کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي چيو ته سندس پاڪستان جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين شاهه سلمان ۽ شهزاده محمد بن سلمان پاران صدر جي صحت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو.