اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پنج ساله ”اُڏار پ??ڪس??ان“ منصو??و معيش?? کي مستحڪم ڪرڻ ۽ مل?? کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، منصوبي جو مقصد جديد معيشت وارا سڌارا ۽ ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي ذريعي پ??ڪس??ان کي مالي خودمختياري طرف وٺي وڃڻ آهي. اهڙو اطهار هن ڪالهه ”اُڏام پ??ڪس??ان“ جي حوالي سان پريس ڪان??رن?? کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ”اُڏار پ??ڪس??ان“ منصو??و ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ جامع سڌارن ۽ قدمن تي ٻَڌل آهي. هن امن امان، سياسي ۽ معاشرتي استحڪام ۽ مسلسل سڌارن واري عمل ذريعي ترقيءَ جي تسلسل کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاليسين جي هم اهنگي ۽ مستقل مزاجي اهم عمل آهن ته جيئن ترقياتي هدف حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته ”اُڏار پ??ڪس??ان“ منصو??و معيش?? کي مضبوط بنائڻ ۽ مل?? کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. هن چيو ته پ??ڪس??ان کي 2047ع تائين 3 کرب ڊالرن جي معيشت ۽ 2030ع تائين دنيا جي ٽاپ 20 معيشتن ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي، روانگي واپار ۾ ميڊ اِن پ??ڪس??ان شين جي روانگي واپار تي ڌيان ڏنو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي کي معيشت جو حصو بڻائڻ ۽ ”ٽيڪنو معيشت“ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته زراعت جي ميدان ۾ هڪ هزار زرعي ماهرن کي چين ۾ تربيت ڏيڻي آهي، معدنيات جي شعبن ۾ بلوچستان جا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ قدمن تي خاص توجهه ڏني ويندي. هن چيو ته بليو اڪانومي ۾ فشنگ ۽ سامونڊي وسيلن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، ثقافتي صنعت، تخليقي ۽ ثقافتي شعبن جي ترقي به شامل آهن. هن چيو ته نجي شعبي جي ڀرپور سپورٽ فراهم ڪنداسين، پرڏيهه ۾ رهندڙ پ??ڪس??انين پاران اُماڻيل ناڻي ذريعي حصو وِجهڻ جي ترغيب ڏني وئي. احسن اقبال ايڪسچينج ريٽ جي استحڪام کي ملڪي معيشت لاءِ مُک قرار ڏنو ۽ چيو ته ان جو ڀاڙڻ روانگي واپار ۾ واڌ تي آهي. هن چيو ته روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ـ ميڊيا ذريعي هڪ قومي تحريڪ هلائڻ تي زور ڀريو ته جيئن نوجوان نسل ۾ روانگي واپار جي اهمي?? کي اجاگر ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ”اُڏام پ??ڪس??ان“ منصوبو هڪ جامع حڪمت عملي آهي جيڪا معيشت جي مختلف رُخن کي گڏائي پائيدار ترقي جي راهه هموار ڪندو، هي منصوبو روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ مجموعي معاشي استحڪام لاءِ هڪ واضح لائحه عمل فراهم ڪري ٿو.