اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور احتجاج جو صحيح طريقو نيٺ اختيار ڪري ورتو، مهذب معاشرن ۾ احتجاج پرامن ئي ??ون??و آهي ۽ ڪم به هلندو رهندو آهي، زندگي مف??وج نه ٿيندي آهي. علي امين گنڊاپور جي بيان تي تبصرو ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران 10 مهينن ۾ پهريون ڀيرو احتجاج جو صحيح انداز اختيار ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، ڪاش هو 26 نومبر ۽ 9 مئي تي به چڙهائي ۽ جلاءُ گه??را??ُ ڪرڻ بدران ائين ئي ”اوو اوو“ ڪري احتجاج ڪن ها. هن چيو ته قوم ڄاڻي ٿي ته انتشار، فساد، جلاءُ گه??را??ُ توهان جو شيوو آهي.