اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته وزيراعظم جو واعدو ??هي ته غريبن کي ڇت فراهم ڪرڻي آهي، صنعت جڏهن هلندي ??هي ته غريب جو چلهو ٻرندو آهي، عدالت ۾ ڪڏهن به ڏوهاري جي خواهش موجب ٽرائل ناهي ٿيندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ قوم سان خيانت ڪئي وئي جنهن تي قانوني ڪارروائي ٿيندي، عوام جي پئسي تي لڳندڙ ڌاڙي جو حساب ورتو ??يندو، قانون سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو ??هي ان جي اسان کي جدوجهد جاري رکڻي آهي، احتساب هن قوم جي ۽ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا سينٽر اسلام آباد ۾ سمارٽ ايڪسپو آف فيوچر ڊولپمينٽ هولڊنگ جي افتتاحي تقريب ۽ صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو.