اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غير??ان??ني قبضي هيٺ ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جي غير??ان??ني ۽ غيرآئيني قدم جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اڄ اربع ڏينهن استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعظم عمران خان مظفرآباد ۾ ??ان??نساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ??ند?? ۽ مظفرآباد ۾ ئي ريلي جي قيادت ??ند??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ ريلي جي قيادت ??ند??. شهر شهر گهٽيءَ گهٽي ان قدم خلاف ريليون ڪڍيو?? وينديون. بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي نشان پاڪستان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويندو. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي صدر، وزيراعظم، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير، صدر، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جا خاص پيغام نشر ڪيا ويندا. وزيراعظم جي آزاد ڪشمير ??ان??نساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب جي موقعي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ ٽريفڪ روڪي ويندي. چئني صوبن گلگت بلتستان ۾ گورنرز ۽ وڏن وزيرن جي قيادت ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ??ند?? يڪجهتي واريُون ريليون ڪڍيو?? وينديون. ان ڏينهن کي استحصال جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو مقصد دنيا کي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غير??ان??ني ۽ هڪ طرفي قدم ۽ ان جي آر ۾ هڪ سال ۾ ڪشمير ۾ جاري فوجي گهيراءُ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کان آگاهه ڪرڻ آهي. صبح 10 وڳي سائرن وڄايا ويندا. گڏيل قومن جي مبصر مشن کي سيڪريٽري جنرل جي نالي ياداشت پڻ پيش ڪئي ويندي. پوسٽل سروسز واري وزارت پاران خصوصي پوسٽ جي ٽڪلي جاري ڪئي ويندي جنهن ۾ ڀارت جي غير??ان??ني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم سان ناني جي شهادت کانپوءِ ان جي ميت جي مٿا?? ويٺل سندس ٽن سالن جي ڏوهٽي جي تصوير عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ ڇاپي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ان ڏينهن جي حوالي سان خاص تقريبون ٿينديون. اهو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي. جڏهن ڪشميرين کان انهن جا بنيادي حق ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ مليل خاص حيثيت جي خاتمي جو غير??ان??ني ۽ هڪطرفو قدم کنيو ويو.