اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري خليل جارج جي سربراهي ۾ اقليتي برادري جي وفد ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ خليل جارج، سردار رنجيت سنگهه، ولسن وزير ۽ اقليتي برادري جا ٻيا ميمبر شريڪ هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي برابر شهري حق حاصل آهن، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليت?? کي رياستي دهشتگردي درپيش آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي خليل جارج چيو ته اقليتي برادري هر فورم تي اقليتن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلم?? کي اجاگر ڪندي ته جيئن ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي سگهي. سردار رنجيت سنگهه چيو ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ تي سک برادري پاڪستان جي حڪومت جي تمام گهڻي ٿورائتي آهي.