پرڏيهي پاڪستاني پنهنجي اباڻي علائقن جي ماڻهن سان ويجهو ۽ مضبوط رابطو برقرار رکن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image
APP07-020123 ISLAMABAD: January 02 – President Dr. Arif Alvi in a meeting with a delegation of eminent UK and US-based Pakistani expatriates at Aiwan-e-Sadr. APP/TZD

اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پرڏيهي پاڪستاني پنهنجي اباڻي علائقن جي ماڻهن سان ويجهو ۽ مضبوط رابطو برقرار رکن، سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ذهانت، مهارت، تجربن ۽ سيڙپڪاري سان اباڻي علائقن جي سماجي، معاشي ۽ اقتصادي حالت کي بهتر بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا ۽ آمريڪا ۾ ر هندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ لارڊ قربان حسين، لارڊ واجد خان، عمران حسين، ياسمين ڊار، ڪامران حسين، ارشد رچيال، راجا نجابت حسين، ماجد نذير، امان مجيد، حماس مجيد، طاهره محمد، نواب الدين، سيد علي ڪامران ڪرماڻي، شڪور احمد، نقاش مشتاق ديوان، شير باز منير چوڌري، محفوظ الله، شرافت الله، ساجد خان، نديم احمد خان، برگيڊيئر (ر) افتخار علي خان، افضل بٽ ۽ خبيب فائونڊيشن جا عهديدار شامل هئا. سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ذهانت، مهارت، تجربن ۽ سيڙپڪاري سان اباڻي علائقن جي سماجي، معاشي ۽ اقتصادي حالت کي بهتر بڻائين. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪستان جو تاثر بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڊاڪٽر عارف علو چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪن، سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني هڪ اهم اثاثو آهن، پنهنجي محنت، علم ۽ ذهانت سان پنهنجي ميزبان ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته وفد جيميمبرن پنهنجي علم، عقل ۽ مهارت کي پاڪستان ۾ تعليم يافته ۽ اعليٰ معيار جي انساني وسيلن کي برقرار رکڻ جي لاءِ استعمال ڪن. صدر گذريل ڪجهه مهينن ۾ 7 لک کان وڌيڪ تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلن جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ميڊيا رپورٽس تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان کي مشڪل معاشي ۽ مالياتي حالتون درپيش آهن پر ان تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جو اٽڪل 40 سال تائين 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني جو شاندار رڪارڊ آهي. يوڪرين ۾ تازي جنگ سان پناهگيرن سان امتيازي سلوڪ جا واقعا سامهون آيا، يوڪرين جي پناهگيرن کي يورپي يونين جا ملڪ ڀليڪار چئي رهيا آهن جڏهن ته دنيا جي ٻين حصن مان ايندڙ پناهگيرن کي انهن ملڪن مان ڪڍيو ويو يا سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گڏيل قومن جي قيام جو بنيادي مقصد سڄي دنيا ۾ تڪرار گهٽ ڪرڻ هو، بدقسمتي سان تڪرار اڪثر يورپ ۾ گهٽ ٿيا جڏهن ته دنيا جي ٻين حصن خاص طور تي مسلمان ملڪن ۾ تڪرارن ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي، گڏيل قومون عراق، شام، ليبيا ۽ افغانستان ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ جنگين ۽ تڪرارن کي نه روڪي سگهي، اهي جنگيون ترقي يافته دنيا جي مخصوص مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ غلط معلومات، جعلي خبرن ۽ غلط معلومات پکيڙي وڙهيون ويون. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو سڀ کان پراڻو آهي، اڃان تائين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن تي عملدرآمد جو انتظار آهي. صدر ڀارت ۾ اسلامو فوبيا ۽ انتهاپسند هندوتوا جي فلسفي جي وڌندڙ لهر جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ مذهبي انتهاپسندي عروج تي آهي، هندوتوا کان متاثر اڪثريتي هندو آبادي کي ملڪ جي سمورين مذهبي يا نسلي اقليتن جي خلاف بيهاريو پيو وڃي، هندوستان ۾ اقليتن سان انهن جي مذهب جي بنياد تي امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو فرض آهي ته اهي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران معصوم ڪشميرين جي خلاف ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪن.

مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں