پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان چين جي سفير نونگ رونگ جي الوداعي ملاقات

image

اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان چين جي سفير نونگ رونگ پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، سي پيڪ منصوبي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان چيني صدر جي خدمتن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي چيني سفير نونگ رونگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.

مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں