بلاول ڀٽو زرداري اي سي او ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جي پڌرنامي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

image

تاشقند – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم جي اي سي او ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جي پڌرنامي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب تاشقند ۾ اي سي او جي وزارتي ڪائونسل جي 26 هين اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ اي سي او ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جي پڌرنامي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. اهو مرڪز اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي معاملن تي مهارت ۽ تحقيق جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيندو ۽ موقعا فراهم ڪندو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں