گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن ڊيره غازي خان جي ڌيئرن کي غازي يونيورسٽي ۾ مدد ڪندي ڏسي انتهائي خوشي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن ڊيره غازي خان جي ڌيئرن کي غازي يونيورسٽي ۾ مفت اٽي ورهائڻ واري مرڪز تي عوام ۽ انتظاميا جي مدد ڪندي ڏسي انتهائي خوشي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شاگردي جي دور کان ئي نوجوانن ۾عوامي خدمت جي جذبي کي وڌائڻ جي لاءِ هي هڪ بهتر ۽ ساراهه جوڳو قدم آهي.

مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں