وزيراعظم شهباز شريف پاران هلڪي جنگي جهاز هرجيٽ جي پهرين ڪامياب اڏام تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي مبارڪون

image

اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلڪي جنگي جهاز هرجيٽ جي پهرين ڪامياب اڏام تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي اها ترڪيه ۽ ترڪيه جي دفاعي صنعتن جي لاءِ هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي پنهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان کي هلڪي جنگي جهاز هرجيٽ جي پهرين ڪامياب اڏام تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي اها ترڪيه ۽ ترڪيه جي دفاعي صنعتن جي لاءِ هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته هو ٽي ايف – ايڪس پراجيڪٽ ۾ ڀائر ترڪيه جي وڌيڪ ڪاميابي جو خواهشمند آهي.

مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک
متعلقہ مضامین
مزید خبریں